ڀانڊو قبو

ڀانڊو قبو

ڀانڊو قبو

ڀانڊو قبو: هي ماڳ رتيديري کان 4 ڪلوميٽر پري اتر ڊگھائي ڦاڪ 270 46’ 30” ۽ اوڀر ويڪرائي ڦاڪ 670 42’ 00” ڊگرين تي آهي. ھن شاندار قبي يا مقبري ۾ ڪير دفن ٿيل آھي، ان لاءِ مختلف روايتون آھن. ھن کي ھينري ڪزنس ۽ اين. جي مجمدار به ڏٺو هو. پر اھو ڄاڻائي نه سگھيا ته ھي ڪنھن جو مقبرو آھي. قربان بگٽيءَ جي چوڻ مطابق ان ۾ رتو جلباڻي مدفون آھي، پر ان لاءِ ڪو چٽو ثبوت ڪونه آھي. ھن وقت مزار جي حالت خسته آھي. ڀانڊي قبي اندر ڪل ست قبرون آھن. وڏي قبر تي ڏيئا ٻاريا ويندا آھن. ھي مقبرو وڏي اوچائيءَ تي ٺھيل آھي. ھن دڙي جي کوٽائي نه ٿي آھي، پر دڙي جي سطح تان مليل ٺڪراٺو ۽ ٻيون شيون ان جي قدامت تي ساکي آهن. مقبرو چورس رٿيل آھي، ماپ ۾ 5x5 ميٽر ۽ اوچائيءَ ۾ 10 ميٽر آھي. اڏاوت ۾ پڪيون سرون، گچ گارو ۽ ڪاشيءَ جون سرون استعمال ٿيل آھن. ڇت ۽ گنبذ جي وچ تي گنبذ- ڳچ وڏو ۽ ويڪرو آھي. ان ۾ ھر پاسي ونگن سان ھوائوڻا (هوادار دريون) ڪڍيل آھن. گنبذ ابتي گول پيالي وانگر آهي، مٿان فانوس ۽ فانوس ۾ جارا ٺھيل آھن. مقبري جي حالت زبون آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو